خالد بن وليد

خالد بن وليد: بن وليد'>خالد بن وليد اسلامي دنيا جو هڪ وڏو ۽ ڪامياب سپهه سالار ٿي گذريو آهي. هن کي سيف الله جو لقب پڻ حاصل هو. حضرت مـحـمـد صـلـي الله عـليـه وسـلـم ۽ سـنـدس سـاٿـيـن حـضرت ابوبڪر رضي
الله تعاليٰ عنه ۽ حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه جي زماني ۾، خالد بن ولـيـد کـي ڪـامـيـاب سـپـهه سـالار واري حـيـثـيـت حـاصـل هــئــي. هــــيءُ
صحابه ڪرام ۾ هڪ ممتاز شخصيت طور سڃاتو ويندو هو. بن وليد'>خالد بن وليد احد جي جنگ (625ع) ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن خلاف وڙهيو هو پر ٻن سالن کان پوءِ اسلام قبول ڪري، مڪي جي فتح جي موقعي تي، اسلامي لشڪر ۾ اچي شامل ٿيو. رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي وصال کان پوءِ، بن وليد'>خالد بن وليد مسلمانن جي اختيار ۽ هٿ مان نڪري ويل ڪيترا ئي علائقا هڪ ڀيرو وري پنهنجي قبضي ۾ آندا. حضرت ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه کيس ڏکڻ اوڀر طرف عراق فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، جتي هن ’الحيره‘ کي فتح ڪيو. هن بازنطيني فوجن کي ڀڄائي، دمشق کي پنهنجي گهيري ۾ آندو، جنهن ڪري انهن 4 سيپٽمبر 635ع تي هٿيار ڦٽا ڪيا. ان کان پوءِ بن وليد'>خالد بن وليد اتر طرف اڳتي وڌيو ۽ 636ع ڌاري يرموڪ درياهه جي ڪناري تي هڪ طاقتور بازنطيني فوج جو مقابلو ڪيائين، ان فوج ۾ بازنطيني، عيسائي، عرب، آرمينائي دستا شامل هئا. ان هوندي به بن وليد'>خالد بن وليد کين شڪست فاش ڏني. هيءُ واقعو، 20 آگسٽ 636ع تي ٿيو، جنهن ۾ يرموڪ واديءَ ۾ اٽڪل 50 هزار بازنطيني سپاهي مارجي ويا، هن واقعي کان پوءِ ٻيون ڪيتريون اسلامي فتحون ممڪن ٿي سگهيون.


لفظ خالد بن وليدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو